ٽرانسپورٽ جي نظام ۾ وڏو انقلاب، سنڌ حڪومت پنڪ ۽ نارمل ٽيڪسي سروس شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پيپلز پنڪ ۽ نارمل ٽيڪسي سروس شروع ڪري ڇڏي.
سنڌ حڪومت عوامي ٽرانسپورٽ جي نظام ۾ هڪ ٻيو انقلابي قدم کڻڻدي پيپلز پنڪ ۽ اينڊ نارمل ٽيڪسي سروس جي باقاعدي شروعات ڪري ڇڏي.
سنڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي رهنمائي ۾ نئين سروس شروع ڪئي وئي آهي.
هن ايڪس تي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته منصوبي جو مقصد عورتن کي بااختيار، سفر کي محفوظ بڻائڻ ۽ صوبي ۾ ماحول دوست ٽرانسپورٽ کي هٿي ڏيڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ نظام کي جديد بڻائڻ ۽ سڀني طبقن لاءِ برابر موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.