پاڪستان جا پهلگام واقعي تي عالمي برادري کان 6 سوال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پهلگام معاملي تي عالمي برادري کان 6 سوال ڪيا آهن.
پهلگام فالس فليگ آپريشن کانپوءِ ڀارتي قدمن تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سوال ڪيا.
هن پڇيو ڇا هي وقت ناهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڀارت طرفان شهرين جي قتل جو احتساب ڪيو وڃي؟ ڇا اهو اهم ناهي ته پهلگام ۾ متاثر خاندانن سان همدردي ۽ ڀارت جي جارحيت ۾ فرق ڪيو وڃي؟ ڇا ائين ناهي ته ڀارت هڪ ملڪ تي فوجي حملي لاءِ پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي؟
اسحاق ڊار چيو ته ڇا ڀارت طرفان عالمي قانونن جو احترام نه ڪرڻ سان خطي جي صورتحال خراب نه ٿيندي؟ ڇا هي وقت ناهي ته عالمي برادري مذهبي نفرت ۽ اسلامو فوبيا تي ڀارت جي مذمت ڪري؟ ڇا اسان آگاهه آهيون ته ڀارت جي جارحاڻي سوچ سان خطي ۾ ايٽمي طاقتن جو ٽڪراءُ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.