فواد خان جي فلم ” عبير گلال “ تي پاڪستان ۾ به پابندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) فواد خان جي فلم ”عبير گلال“ تي پاڪستان ۾ به پابندي لڳائي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ڊسٽريبيوٽر ستيش آنند تصديق ڪئي آهي ته فلم هاڻي پاڪستان ۾ ريليز نه ٿيندي.
هن چيو ته اهو فيصلو ڀارت پاران پاڪستاني فنڪارن تي ٻيهر مڙهيل پابندي جي جواب ۾ ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته فلم ۾ فواد خان سان گڏ ڀارتي اداڪارا واني ڪپور شامل آهي، جيڪا پابندي جو هڪ اهم سبب قرار ڏني پئي وڃي.
فواد خان اڳ به ڀارتي فلمن ”خوبصورت“، ”ڪپور اينڊ سنز“ ۽ ”اي دل هي مشڪل“ ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. فلم عبير گلال 9 مئي تي ريليز ٿيڻي هئي، پر هاڻي فلم جي رليز اڻڄاتل مُدي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.