هنزا جي هوٽلن ۾ پرڏيهي سياحن جي ترسڻ تي پابندي

گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جا سياحتي ماڳ ملڪي توڙي پرڏيهي سياحن لاءِ غير معمولي ڪشش رکن ٿا پر موجوده سيڪيورٽي خدشن کي ڏسندي پرڏيهي سياحن ايس او پيز جوڙيون ويون آهن، جنهن تحت هُنزا وادي جي ضلعي انتظاميا پاران هوٽلن جي سيڪيورٽي جو گڏيل پلان تيار ڪيو ويو آهي.
ضلعي انتظاميا 25 اپريل تي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جنهن تحت گهٽ حساس ۽ وڌيڪ حساس هوٽلن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب رڳو گهٽ حساس هوٽلن کي پرڏيهي سياحن جي ميزباني جي اجازت ڏني وئي آهي، جڏهن ته وڌيڪ حساس هوٽلن ۾ پرڏيهي سياحن جي رهائش تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ضلعي انتظاميا پاران 387 هوٽلن مان رڳو 45 هوٽلن کي پرڏيهي سياحن جي رهائش لاءِ موزون قرار ڏنو ويو آهي، نامزد هوٽلن کي هوٽل آءِ سافٽ ويئر رکڻ سميت سمورين ايس او پيز تي عملدرآمد تي هدايت ڪئي وئي آهي، ٻي صورت ۾ انهن کي بند ڪري سگهجي ٿو.
گلگت بلتستان جي صوبائي حڪومت جي ترجمان فيض الله فراق موجب هنزا ۾ رڳو پرڏيهي سياحن لاءِ سيڪيورٽي ايس او پيز جوڙيون ويون آهن، احتياطي طور رڳو انهن هوٽلن کي پرڏيهي سياحن جي رهائش لاءِ موزون قرار ڏنو ويو آهي، جتي حڪومت طرفان سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته چيني سياح اڪثر انهن علائقن جو رخ ڪندا آهن، تنهنڪري انهن جي سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي هي فيصلو ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته هنزا ۾ هر گهر کي هوٽل بڻايو ويو آهي، جتي پرڏيهي سياحن کي رهائڻ سيڪيورٽي رسڪ بڻجي سگهي ٿو، سڀني هوٽلن کي CCTV ڪئميرائون لڳائڻ سميت سيڪيورٽي بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ته جيئن پرڏيهي مهمانن جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي.
گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان واضح ڪيو ته گلگت بلتستان ۾ صورتحال تسلي بخش آهي، اتي امن امان جي حوالي سان ڪو خطرو آهي، نه ئي سياحن کي ڪنهن به قسم جو خطرو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مقامي سياحن جي اچ وڃ تي ڪا به پابندي ناهي ۽ نه ئي کين سفر ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.