گنگوليءَ بعد اظهر الدين به پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇڻ لڳو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد اظهرالدين به پاڪستان خلاف بيان ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، محمد اظهرالدين چيو آهي ته ڪرڪيٽ سان ڦٽ نٿا ڇُٽي سگهن، پاڪستان خلاف ميچن جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي.
هن چيو ته رڳو راند ماڻهن کي ويجهو آڻڻ لاءِ ڪافي ناهي، موجوده حالتن ۾ پاڪستان سان ڪرڪيٽ نٿي کيڏي سگهجي.
اظهرالدين، ساورَو گنگولي جيان پاڪستان سان سمورا ڪرڪيٽ لاڳاپا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڀارت کي نه رڳو گڏيل سيريز کان انڪار جاري رکڻ گهرجي پر آءِ سي سي ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ايونٽن ۾ به پاڪستان خلاف نه کيڏڻ گهرجي.
ياد رهي ته ان کان اڳ بي سي سي آءِ جي اڳوڻي صدر ساورَو گنگولي به ساڳيو مطالبو ڪندي چيو هو ته ڀارت کي پاڪستان سان سمورا ڪرڪيٽ لاڳاپا ختم ڪري ڇڏڻ گهرجن.
واضح رهي ته پهلگام واقعي کان ڪجهه ڪلاڪن اندر ڀارتي حڪومت پاڪستان تي الزام لڳائيندي سنڌ طاس معاهدو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.