جنگ جي خواهش ڀارت لاءِ خودڪشي ثابت ٿيندي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان جو ٻچو ٻچو ملڪ جي دفاع لاءِ تيار آهي، جنگ جي خواهش ڀارت جي خودڪشي ثابت ٿيندي.
پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڀارت عالمي طور ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ ماهر آهي، اهو هر شئي جو الزام پاڪستان تي هڻندو آهي پر ڪڏهن ڪجهه ثابت ناهي ٿيو، ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن جا پيرا ڀارت ڏانهن وڃن ٿا.
هن چيو ته ڀارت معصوم ڪشميرين سان جيڪو ڪري رهيو آهي، اهو ڪنهن کان ڳجهو ناهي، ڀارت عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ۽ اقليتن تي ظلم ڪري رهيو آهي، ڀارت جي الزامن جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان مودي سرڪار کان نٿو ڊڄي، اسان پرامن آهيون پر جيڪڏهن ڪنهن ميري اک سان ڏٺو ته سڄي عمر ياد رکندو، هر جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.