ايل او سي تي ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب، دشمن جا ڪيترائي مورچا تباهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان لائن آف ڪنٽرول تي سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، جنهن تي پاڪ فوج فوري طور ڪارروائي ڪندي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ دشمن جا ڪيترائي مورچا تباهه ڪري ڇڏيا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب پهلگام فالس فليگ کانپوءِ ڀارت طرفان مسلسل جارحاڻا قدم کنيا پيا وڃن، ان ئي دوران 29 ۽ 30 اپريل جي وچين رات لائن آف ڪنٽرول تي بنا سبب فائرنگ ڪئي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت طرفان لائن آف ڪنٽرول جي ڪياني ۽ منڊل سيڪٽرن ۾ بنا سبب فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ ننڍن هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو.
پاڪ فوج ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي فوج کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪ فوج جي ڀرپور جواب دشمن کي خاموش ڪرائي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.