رٽائرڊ ايئر مارشل جواد سعيد تي ڳجهي ڄاڻ شيئر ڪرڻ جو الزام

اسلام آباد (بي بي سي) پاڪستان ايئر فورس جي عملدارن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪيو ته رٽائرڊ ايئر مارشل جواد سعيد خلاف بغاوت ۽ جاسوسي جي الزامن تي جاچ جاري آهي، جنهن ۾ مٿس آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ جي ڄاڻ شيئر ڪرڻ جو الزام آهي. جسٽس خادم حسين سومرو جي عدالت ۾، جواد سعيد جي زال شازيا جواد پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران، ايڊووڪيٽ جنرل ايئر ڪموڊور نفيس چيما پيش ٿيو. عدالت کي ٻڌايو ويو ته جواد سعيد جو ڪورٽ مارشل ٿي چڪو آهي ۽ هو في الحال ايئر فورس جي تحويل ۾ آهي، کيس جيل نه پر هڪ ميس کي سب جيل قرار ڏئي رکيو ويو آهي. درخواست گذار جي وڪيل ڪرنل رٽائرڊ انعام الرحيم ۽ عبدالوحيد ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي قانوني گهرجن تي پوري نه لهي ٿي ۽ ان فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويندو. عدالت، واڙي رکڻ واري درخواست کي 15 هزار رپين جي ڏنڊ سان خارج ڪري ڇڏيو. عدالت دفاع واري وزارت کان سوال ڪيو ته سزا ٻڌائڻ باوجود جواد سعيد کي جيل موڪلڻ بدران ايئر فورس جي تحويل ۾ ڇو رکيو ويو آهي، جنهن تي حڪومتي نمائندا عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.