اڳرائي نه ڪنداسين پر ڀارت ڪجهه ڪيو ته سخت جواب ڏبو: اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته اسان اڳرائي نه ڪنداسين پر جيڪڏهن ڀارت ڪجهه ڪيو ته ڀرپور جواب ڏينداسين.
سينيٽ ۾ پهلگام واقعي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي ايوان کي آگاهه ڪندي قائد ايوان اسحاق ڊار چيو ته فيڊريشن جي نمائندگي ڪندڙ هن ايوان اتحاد جو ثبوت ڏنو آهي ۽ سڀني پارٽين گڏجي گڏيل ٺهراءُ منظور ڪيو آهي.
هن چيو ته هن وقت تائين اسان سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن، چين، برطانيا، ڪويت، بحرين ۽ هنگري جي پرڏيهي وزيرن سان ڳالهايو آهي ۽ انهن ملڪن کي ڀارت جي تاريخ ۽ ان جي ارادن کان آگاهه ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته مون کي شڪ آهي ته هي ڊرامو ان معاهدي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، پهلگام واري واقعي سان پاڪستان جو ڪو تعلق ناهي، چين ۽ ترڪي واضح طور تي اسان جو ساٿ ڏنو آهي.
هن چيو ته چين جي پرڏيهي وزير اسان جي مدد جي پڪ ڏني آهي، جڏهن ته ترڪي جي پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي ٻڌايو ته اسان ڇا ڪري سگهون ٿا، مون کيس چيو ته ڀارت ڪا اڳرائي ڪرڻ جي سوچ ۾ آهي ۽ هن دفعي اسان سخت جواب ڏينداسين.
پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت ڪو به ثبوت ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي ۽ اسان پنهنجون سفارتي ذميواريون نڀائي رهيا آهيون، سنڌ طاس معاهدي بابت ڀارت خط لکي چيو آهي ته حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن ۽ اسان معاهدو معطل ڪري رهيا آهيون، جيئن پلواما واري ڊرامي کان پوءِ ڀارت والاريل ڪشمير جو اسٽيٽس بدلائي ڇڏيو هو، نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي چئي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن پاڻي روڪيو ويو ته اهو اسان لاءِ جنگ جي برابر هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.