چولستان ڪئنال ٺهڻ سان سنڌ کي 79 ارب رپيا نقصان جو انديشو هو

ڪراچي (محسن ٻٻر) چولستان ڪئنال وارو منصوبو ٺهڻ سان سنڌ کي 79 ارب رپيا نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو هو هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو ته چولستان ڪئنال منصوبي لاءِ ملڪ جي پاڻي جو ڪل 10 سيڪڙو يعنيٰ 10 ايماي ايف پاڻي کپندو جڏهن ته واڌو 3.5 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي رڳو ڪڻڪ جي پيداوار لاءِ گهرجي ها جيڪو ڪالاباغ ڊيم جو اڌ ٿئي ٿو. نيشنل بينڪ آف پاڪستان جي ماتحت معيشت بابت تحقيقون رپورٽون تيار ڪندڙ اداري ٽارس سڪيورٽيز لميٽڊ جي رپورٽ ۾ اهڙو انڪشاف ٿيو. چولستان ڪئنال منصوبي بابت شايع ٿيل رپورٽ ٻڌائي ٿي ته ڪئنالن وارو منصوبو روڪيو ويو آهي جنهن تي ايندڙ 5 سالن ۾ 6.5 ارب ڊالرن جي سيڙپ جو واعدو ڪيو ويو هو، اهو واعدو گڏيل عرب امارتن، سعودي عرب، قطر ۽ بحرين طرفان ڪيو ويو هو جنهن ۾ 15 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻي هئي. رپورٽ موجب جيڪڏهن اهو منصوبو ٺهي ها ته سنڌ جو ربيع جو 90 سيڪڙو فصل کڻي وڃي ها. سنڌ ۾ 36 سيڪڙو ڪڻڪ نه ٿيڻ سان ساڍا 31 ارب نقصان، 26 سيڪڙو ڦٽي جو فصل متاثر ٿيڻ سان ساڍا 18 ارب رپيا نقصان، ڪمند جو 29 سيڪڙو فصل متاثر ٿيڻ سان 29 ارب نقصان سميت مجموعي طور تي سنڌ کي 79 ارب رپين جو نقصان ٿئي ها. رپورٽ مان ظاهر آهي ته جيتوڻيڪ منصوبي کي سياسي معاملو به چيو ويو پر ان سان سنڌ جي معيشت کي جيڪو ڌڪ لڳي ها اهو ڀرجي نه سگهي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.