پهلگام واقعي بعد مودي سرڪار تي تنقيد ڪندڙ ڀوجپوري گلوڪارا خلاف غداري جو ڪيس داخل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پهلگام واقعي کانپوءِ حڪومت تي تنقيد ڪندڙ هڪ ڀوجپوري گلوڪارا خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
فوڪ سنگر نيها سنگهه راٺور تي لکنئو جي حضرت گنج پوليس اسٽيشن ۾ غداري سميت ٻين سنگين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.
ڪيس ۾ نيها سنگهه طرفان پهلگام واقعي تي ان جي تبصري جو حوالو ڏنو ويو آهي.
نيها سنگهه 23 اپريل تي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي لکيو هو ته نريندر مودي جي حڪومت مذهب ۽ نسل جي بنياد تي سياست ڪري رهي آهي.
هن الزام هنيو ته ڀارتيا جنتا پارٽي جي حڪومت پلواما حملي جي نالي تي به ووٽ گهرندي رهي آهي ۽ هاڻ پهلگام حملي کانپوءِ به ائين ئي ڪيو ويندو.
نيها سنگهه خلاف داخل ڪيل شڪايت ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته گلوڪارا جي پوسٽن سان نفرت ۽ ملڪ دشمن جذبن کي هٿي ملي سگهي ٿي.
اها شڪايت شاعر اڀي پرتاپ سنگهه حضرت گنج پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪرائي هئي.
ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ نيها سنگهه هڪ وڊيو بيان ۾ چيو ته حڪومت تي تنقيد ملڪ سان غداري ناهي هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.