نوشڪي ۾ تيل سان ڀريل ٽرڪ ۾ باهه ڀڙڪڻ سبب 40 ڄڻا سڙي زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي نوشڪي ۾ تيل سان ڀريل هڪ ٽرڪ ۾ باهه ڀڙڪڻ سان 40 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا، جن مان گهڻن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.
اختيارين موجب واقعو سومر جي شام نوشڪي ۾ ٽرڪ اڏي ڀرسان پيش آيو، زخمين ۾ هڪ ڊي ايس پي ۽ چار پوليس اهلڪار به شامل آهن.
رخشان ڊويزن جي ڪمشنر مجيب الرحمان قمبراڻي صحافين کي ٻڌايو ته ٽرڪ ۾ باهه لڳڻ کانپوءِ ڊرائيور ان کي آبادي کان پري ميدان ۾ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، اطلاع تي پوليس ۽ فائر بريگيڊ عملو پهچي ويو، جڏهن ته ماڻهن جو وڏو انگ به گڏ ٿي ويو، ان ئي دوران ٽرڪ ۾ موجود تيل جي ٽائنڪي اوچتو ڦاٽي پئي، جنهن سان زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ اتي موجود پوليس اهلڪار ۽ عام شهري متاثر ٿيا.
هن ٻڌايو ته ٽرڪ ۾ ڌماڪي سان فائر بريگيڊ جي گاڏي کي به باهه لڳي وئي، حادثي ۾ 40 ڄڻا زخمي ٿيا، جن مان گهڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.