پهرين مئي کان تيل سستو ٿيندو يا مهانگو؟ اهم خبر اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پهرين مئي کان تيل اگهن ۾ لاٿ جو امڪان آهي، جڏهن ته حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان مشاورت کانپوءِ ڪندي.
ذريعن موجب پهرين مئي کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول 4 کان 5 رپيا ۽ ڊيزل 8 رپيا في ليٽر تائين سستو ٿي سگهي ٿو، جنهن جو بنيادي سبب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جا اگهه گهٽجڻ آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا طرفان سمري موڪلي ويندي ۽ حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم شهباز شريف سان مشاورت کانپوءِ ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.