ميانمار ۾ اختيارين سوشل ميڊيا تي خوفناڪ زلزلي جي اڳڪٿي ڪندڙ نجومي کي گرفتار ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب نجومي جان موٿوي 9 اپريل تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي هئي، جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي هئي هت 21 اپريل تي ميانمار جي مختلف شهرن ۾ زلزلو ايندو.
اها وڊيو اهڙي وقت ۾ سامهون آئي هئي، جڏهن ڪجهه هفتا اڳ ئي 7.7 شدت جي زلزلي سبب ميانمار ۾ 3500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا هئا ۽ وڏو مالي نقصان به ٿيو هو.
پنهنجي وڊيو ۾ جان موٿوي شهرين کي چيو هو ته زلزلي دوران فوري طور عمارتن مان نڪري وڃو، ضروري سامان پاڻ سان گڏ رکو ۽ محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي وڃو.
نجومي جي ان وڊيو کي 30 لک کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو ۽ ماڻهن ۾ خوف هراس پکڙجي ويو هو.
اختيارين موجب جان موٿي کي عوام ۾ بي بنياد خوف پکيڙڻ ۽ ڪوڙا بيان جاري ڪرڻ جي الزام ۾ حراست ۾ ورتو ويو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته موجوده سائنسي ڄاڻ جي بنياد تي زلزلي جي درست اڳڪٿي ڪرڻ ممڪن ناهي.
رپورٽن موجب نجومي جي وڊيو جا اثر ايتري قدر شديد هئا ته هزارين شهري 21 اپريل جي رات پنهنجي گهرن بدران کليل هنڌن تي سمهڻ تي مجبور ٿيا.
You might also like