ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) اسپين جي شهر پالما ۾ هڪ حيران ڪندڙ واقعو پيش آيو، جتي مئل قرار ڏنل پيرسن عورت تدفين وقت اُٿي پئي ۽ اتي موجود ماڻهو خوف وچان ڀڄي ويا.
عورت کي پالما جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي ڊاڪٽرن کيس مئل قرار ڏئي تابوت ۾ منتقل ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ان کي قبرستان پهچايو ويو.
قبرستان جو عملو مڙهه دفنائڻ جي تياري ڪري رهيو هو ته عورت جي آڱرين حرڪت ڪئي، جنهن سبب ماڻهو خوف ۾ مبتلا ٿي ويا ۽ ڀڄڻ لڳا.
پوءِ عورت جي تدفين روڪي وئي ۽ کيس ٻيهر اسپتال منتقل ڪيو ويو.
واقعي کانپوءِ اسپتال انتظاميا غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي.
Next Post
You might also like