پ پ جو دور ويو، هاڻ سنڌ جا اصل وارث تخت تي ويهندا: جونيئر ذوالفقار

نوشهرو فيروز (ويب ڊيسڪ) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چي آهي ته هاڻ پ پ جو دور ختم ٿي ويو، سنڌ جو اصل وارث سنڌ جو عوام آهي ۽ هاڻ تخت تي عوام ويهندو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن نوشھري فيروز لڳ مورو – دادو پل تي تڪراري ڪينالن خلاف پ پ شهيد ڀٽو جي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو.
هن چيو ته سنڌو درياهه تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
پ پ شهيد ڀٽو جي جلسي ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، قوم پرست ڪارڪنن ۽ عام شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڌرڻو به هنيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.