ملير (رپورٽ: عنايت قمبراڻي) قومي عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن پاران سنڌو درياهه تي غير قانوني غير آئيني ڪئنالن جي اڏاوت خلاف 27 اپريل تي ملير ۾ اياز لطيف پليجو جي قيادت ۾ احتجاجي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، عوامي پريس ڪلب ملير ميمڻ ڳوٺ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ، پارٽي اڳواڻن جنسار ھيسباڻي ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌو درياهه مٿان غير قانوني غير آئيني ڪئنال اڏڻ خلاف هلندڙ جدوجهد کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، وزير اعظم پاران بلاول ڀٽو سان گڏجي سنڌ جي عوام کي لولي پاپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن کي مڪمل طور تي رد ڪيون ٿا.
، سنڌو درياهه تي ڪئنالن جي اڏاوت جي منصوبي جو نوٽيفڪيشن نڪرڻ تائين سنڌو درياهه بچايو تحريڪ وڪيل تحريڪ ڀرپور نموني جاري رهندي.