ڀارتي جنگي جنون ۽ خوف ۾ ورتل دنيا

تحرير: غلام حسين لغاري

  پهلگرام واقعي کي اشو بڻائي ڀارت جيڪو جنگي جنون پئدا ڪيو آهي تنهن پاڪستان سميت سڄي دنيا کي به خوف ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ سوال اٿاريا پيا وڃن ته ڀارت ۾ هي جنگي جنون ڪهڙي سبب پئدا ٿيو آهي جنهن سان علائقي ۾ تڪرار ۾ اضافو ٿئي. عرب دنيا ۽ اسرائيل ۾ اڳ ئي جنگي حالتون پئدا ٿيل آهن فلسطين جو نسل تباهه و برباد ٿي چڪو آهي.ايران به فلسطين ۽ غزا جي صورتحال تي سخت ڳڻتي ۾ ورتل آهي اسرائيل تي حملا ڪيا ويا آهن جنهن تي آمريڪا سخت ناراض آهي ۽ اسرائيل جي بقا جي جنگ ۾ اسرائيل ۽ عرب ملڪن خلاف اڳيان اڳيان آهي. روس ترڪي به اسرائيلي جارحيت خلاف جنگ وڙهڻ لاءِ تيار جنهن سان دنيا اندر ٽين عالمي جنگ جو خطرو به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ڀارت به اسرائيل جو حمايتي آهي.

  ڀارت پهلگام واقعي ۾ جنهن ۾ هن وقت تائين وڏي انگ ۾ سياح مارجي چڪا آهن انهن جو الزام پاڪستان مٿان مڙهيندي پاڪ ڀارت سرحد وٽ پنهنجيون فوجون موڪلڻ سان گڏ ڀارت ۾ ترسيل پاڪستانين کي ملڪ ڇڏڻ ويزا بند ڪرڻ پاڪستاني سفارتي عملو گهٽائڻ جهڙا فيصلا ڪيا آهن.ڀارت سنڌ طاس معاهدي تي عمل کي روڪيندي پاڪستان جي پاڻي کي به روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن سان به پاڪستان ۾ تشويش پئدا ٿي چڪي آهي البته پاڪستان به ڀارت مٿان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت پاڻي روڪيو ته جنگ ڪنداسين.پاڪستان ڀارت جي پهلگرام واقعي جي وضاحت ۽ الزامن کي رد ڪندي جواب ۾ ڀارت لاءِ پاڪستاني فضائي حدون بند ڪرڻ ڀارتي سفارتي عملو گهٽائڻ سميت پاڪستان ۾ ڀارتي شهرين کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.پاڪستان جي سلامتي ڪائونسل ڀارت جي جارحيت ۽ پئدا ڪيل ڇڪتاڻ جو موثر جواب ڏيڻ مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا آهن.ڀارت ۽ پاڪستان ٻئي ائٽمي ملڪ آهن خدا نه ڪري ڪا ائٽمي جنگ ڇڙي ٿي ته علائقي ۾ وڏي تباهي اچي سگهي ٿي ۽ دنيا معاشي طور تباهه ٿي ويندي ۽ نسلن جا نسل ختم ٿي سگهن ٿا.ڀارت ۽ پاڪستان ماضي جي جنگين مان ڪافي ڪجهه سبق سکيو به آهي.

   ڀارت پاڪستان سان جنگ ڪرڻ لاءِ سدائين بهانا تلاش ڪيا آهن ۽ پهلگرام واقعو به هڪ بهانو آهي جنهن لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته انهن واقعن ۾ خود ڀارٿ جو هٿ آهي جنهن کي اشو بڻائي ڀارت پاڪستان کي خوفزده ۽ بلئڪ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي.ڀارت پاڪستان سان هڪ نه پر ننڍيون وڏيون جنگون ڪيئي ڀيرا ڪري چڪو آهي جنهن سان نه صرف پاڪستان ۾ معاشي طور تباهي آئي هئي پر ڀارت جو خود وڏو نقصان ٿيو هو.جنگين سبب غربت ۾ واڌ اچي ٿي ۽ جنگيون وڙهندڙ ملڪ لوڙين ٿا.جڏهن نائين اليون جو واقعو پيش آيو هو تڏهن به ڀارت ملڪ اندر دهشتگردي جا الزام پاڪستان مٿان مڙهي جنگي جنون پئدا ڪيو هو ۽ سرحدن تي فوجون بيهاري پاڪستان کي خوفزده ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي هئي پر انوقت جي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف جي ڀڀڪين ۽ مضبوط حڪمت عملي سبب ڀارت کي خوفزده ڪري جنگي جنون کان پري ڪري رکيو هو.نائين اليون واقعي سبب پاڪستان لوڙيو ڪيترا سال دهشتگردي جو شڪار رهيو جنهن ۾ لکين پاڪستاني اجل جو شڪار ٿيا پر پاڪستان کي ڪجهه به نه مليو ويتر اتحادي آمريڪا پاڪستان تي مختلف الزام مڙهيندو ۽ پاڪستان کي ڪمزور ڪندو رهيو جو اڄ سوڌو آمريڪي زيادتين جو شڪار آهي.                 پاڪستان سدائين ڀارت سان دوستاڻي ۽ امن واري ماحول ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي جڏهن ته ڀارت ان کي پاڪستان جي ڪمزوري سمجهندو آيو آهي.پاڪستان ۾ دهشتگردي جا هن وقت تائين جيڪي به واقع سامهون آيا آهن تن ۾ ڀارتي هٿ ملوث رهيا آهن ۽ ڀارتي فوجي ۽ جاسوس پڪڙ هيٺ آيا آهن جن تي پاڪستان ۾ ڪيس هلن پيا جن کي ڇڏائڻ لاءِ به ڀارت سرگرم  عمل آهي ۽ سازشون ڪندو پيو اچي.پاڪ چين گڏيل رٿائن سبب به ڀارت پاڪستان مخالف بڻيل آهي.ڀارت ۽ چين ۾ به ڇڪتاڻ هلندڙ آهي ڀارت نٿو چاهي ته پاڪستان چين جي سهڪار سان ڪو اڳتي وڌي.ڀارت جون نظرون پاڪستان جي معدنيات وسيلن ۽ سمنڊ تي آهن جنهن ڪري به ڀارت پاڪستان خلاف سازشون پيو ڪري.1971 ۾ به بنگلا ديش ٺاهڻ لاءِ پاڪستان سان جنگ ڪئي جنهن ڪري به هو انهيءَ هوڏ تي آهي پر هاڻ پاڪستان مختلف ۽ ائٽمي ملڪ آهي شايد  ئي هوڏ تي عمل پئرا ٿئي.                           ڀارت هن وقت پاڪستان سان جنگ ڪرڻ ۽ معاشي طور پاڪستان کي تباهه ڪرڻ ڇو ٿو چاهي انجا به ڪجهه سبب آهن.پاڪستان هن وقت اندروني سياسي ڇڪتاڻ جو شڪار آهي مختلف مسئلن تي ملڪ ۾ عوامي ۽ سياسي احتجاج ٿي رهيا آهن.مخالف سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن هزارن جي انگ ۾ جيلن اندر بند آهن ملڪ معاشي طور ڪمزور بڻيل آهي جنهن کي مستحڪم بنائڻ لاءِ حڪومت خود انهي ڪري ڪمزور ۽ ناڪام بڻيل آهي جو اها غير جمهوري هٿڪنڊن سان وجود ۾ آئي آهي ۽ عوام بيچيني جو شڪار آهي.سنڌ بلوچستان سميت ننڍا صوبا پنجاب خلاف سراپا احتجاج آهن ۽ پنهنجي قومي وسيلن لاءِ مطالبا ڪري رهيا آهن. جن کي نظر ۾ رکندي ڀارت موقعي جو فائدو حاصل ڪرڻ جي نيت رکي ٿو جنهن لاءِ حڪومت کي عوام مان بيچيني ختم ڪرڻي پوندي ته جيئن ڀارت ملڪي حالتن جو ڪو غلط فائدو وٺي نه سگهي.جيتوڻيڪ سنڌ ۾ پاڻي جي اڻاٺ ۽ ڪئنالن خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن جنهن ۾ جي ڊي اي جو به ڪردار آهي تنهن هوندي به جي ڊي اي جي سربراهه پير صاحب پاڳاري پنهنجي حرن کي ڀارت خلاف ڪنهن به امڪاني جنگ ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار ٿي چڪو آهي.وفاق به ڪئنالن جي مسئلي تي پٺتي هٽندي نظر پئي اچي جو ڀارت سنڌ طاس معاهدي تي عمل کي روڪي ڇڏيو آهي جيڪڏهن ڀارت وڌيڪ ڪو اهڙو غير قانوني قدم کڻي ٿو ته پاڪستان في الحال معاشي طور ڪمزور ٿي ويندو سنڌ ۾ به پاڻي اڻلڀ ٿيندو.اهو به ممڪن آهي پاڻي جي مسئلي تي ڀارت سان جنگ ڇڙي جنهن جو پاڪستان اڳ ۾ ئي اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

  پاڪ ڀارت حالتن کي معمولي نه سمجهڻ گهرجي ملڪ جي حڪمرانن ۽ اعلي فوجي قيادت کي ملڪ جي مفاد وٽان سوچڻ ۽ گڏجي فيصلا ڪرڻ گهرجن ۽ عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ته جيئن ڀارتي ناپاڪ عزائم کي ناڪام بڻائي سگهجي.ڀارت اڳرائي ڪندي جن به فيصلن ۽ جنگي جنون پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اهي هڪ طرفو آهن انهن کي واپس وٺي مسئلا ڳالهين وسيلي طئي ڪرڻ گهرجن ۽ هڪٻئي جي مسئلن ۾ ٽنگ اڙائڻ کان پاسو ڪجي.سنڌ طاس معاهدو ڪافي پراڻو ٿيل آهي ۽ ان تي 65 سالن بعد عمل روڪڻ ڀارت جي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي جنهن کي ڇيڙڻ جا اگرا نتيجا نڪري سگهن ٿا.جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي.پاڪستاني وفاق به وفاق کي ڪمزور ڪرڻ بدران ان کي مضبوط بنائڻ لاءِ  سياسي ۽ قومپرست ڌرين سان ڳڍلهيون ڪرڻ گهرجن کين پنهنجي وسيلن جو مالڪ تسليم ڪرڻ گهرجي.صوبا ۽ وفاق مضبوط هوندو ته ڀارت ڪڏهن به پاڪستان کي ڪمزور ۽ بلئڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش يا جارحيت ڪري نه سگهندو.ڀارت کي به هوڏ تان لهڻ گهرجي هر آئي وقت جنگ جون ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪري ۽ پاڪستان جي سرحدن ۽ عوام جو احترام ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.