پاڪستاني هوائي حدون بند هجڻ ڪري رڳو ايئر انڊيا کي روز 20 ڪروڙ رپين کان مٿي نقصان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي هوائي حدن کي ڀارتي ايئر لائنز لاءِ بند ڪرڻ کان پوءِ، ايئر انڊيا پنهنجي عالمي اڏامن لاءِ متبادل ۽ ڊگها روٽ اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن سبب اڏامن جو وقت، پيٽرول جو خرچ وڌي ويو آهي ۽ مسافرن کي دير سان منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

ايويئيشن ذريعن موجب پاڪستاني هوائي حدن جي بندش سبب ايئر انڊيا کي روزانو 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿئي ٿو، ڀارتي جهازن کي اتر آمريڪا، يورپ، برطانيا ۽ وچ اوڀر جي لاءِ ڊگها روٽ اختيار ڪرڻا پون ٿا.

ڊگهي روٽ جي ڪري مسافر متاثر ٿين ٿا، اڏامن ۾ دير ٿئي ٿي ۽ خرچن ۾ واڌ اچي ٿي.

ايئر انڊيا جي ٽڪيٽن جا اگهه اڃا تائين ساڳيا آهن ۽ عالمي مقابلي جي نظر ۾ انهن ۾ واڌ نه ڪئي وئي آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڊگهي اڏامن جي باوجود ايئر انڊيا ٽڪيٽن جي اگهن ۾ ڪو اضافو نه ڪيو آهي.

دهليءَ کان لنڊن جو ڪرايو اڃا تائين لڳ ڀڳ 7 لک 35 هزار پاڪستاني رپيا (USD 2640) آهي، جڏهن ته دهليءَ کان نيويارڪ جو ڪرايو لڳ ڀڳ 8 لک 7 هزار پاڪستاني رپيا (USD 2900) آهي، جيڪو 23 اپريل 2025 کان اڳ جي ڪرائن جي برابر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.