اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)مملڪتي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پهلگام واقعي کان پوءِ ڀارت جي قدمن جي جواب ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جيڪو ردعمل ڏنو، ان پاڪستاني قوم جي اميدن جي ترجماني ڪئي آهي، ڪميٽي جا سمورا فيصلا قوم جي دل جو آواز آهن.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري، پهلگام واقعي کان پوءِ ڀارت جي غير ذميواراڻن قدمن جي ڏس ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني. گهرو وزير صدر کي قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ ڀارت جي قدمن جي جواب ۾ ڪميٽي جي جوابي قدمن کان به آگاهه ڪيو.
مملڪتي صدر آصف علي زرداري قومي سلامتي ڪميٽي جي وقائتي، تڪڙي ۽ سُٺي قومي قدمن ۽ فيصلن کي ساراهيو ۽ چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جا سڀ فيصلا قوم جي دل جو آواز آهن.
صدر آصف علي زرداري چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي پاڪستاني قوم جي اميدن جي ترجماني ڪئي آهي، سڄي قوم سلامتي ڪميٽي جي فيصلن ۽ قدمن سان گڏ بيٺل آهي. ڀارت جا بي بنياد الزام ۽ غير منطقي قدم ڪنهن به صورت ۾ جائز نٿا ٿي سگهن.