پاڪستان جي سينئر اداڪار فيصل رحمان انڪشاف ڪيو آهي ته هو پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح سان ملاقات ڪري چڪو آهي، جنهن کي هو اڄ تائين وساري ناهي سگهيو.
تازو فيصل رحمان هڪ نجي ٽي وي چينل جي انٽرويو ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ هن پنهنجي عمر جو ذڪر ڪيو ۽ ان کانسواءِ ڪيترين ئي وڏي عمر جي اداڪارائن سان هيرو طور ڪم ڪرڻ بابت پڻ ڳالهه ڪئي.
فيصل رحمان ٻڌايو ته مون شروع کان ئي اداڪاري شروع ڪئي هئي، قسمت گڏ هئي ۽ جواني ۾ ئي اسٽار بڻجي ويس، ڪيترن ئي اداڪارائن سان هيرو طور ڪم ڪيو، هاڻي جڏهن انهن سان ملندو آهيان ته محسوس ڪندو آهيان ته مان انهن کان گهٽ عمر جو آهيان، پر ڪڏهن به ڪنهن مونکي ڀوڳ ۾ به پنهنجو پٽ ناهي چيو.
هن چيو ته شبنم سان ڪم ڪندي يا ملاقات ڪندي اهڙو احساس ٿيندو هو ته ڄڻ مان انهن جو پٽ هجان.
شبنم بابت ڳالهائيندي سينئر اداڪار وڌيڪ چيو ته اداڪارا شبنم سان ڪم ڪرڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏکيائيون آيون، ڇاڪاڻ ته هوءَ مون کان وڏي عمر جي هئي ۽ ان سان فلم ۾ رومانس ڪرڻو هو.
هڪ سوال جو جواب ڏيندي اداڪار پنهنجي عمر ٻڌائڻ کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته مان مداحن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ننڍپڻ ۾ مان قائداعظم سان به مل چڪو آهيان، هاڻي ماڻهو پاڻ منهنجي عمر جو اندازو لڳائن.
فيصل جي اهڙي ڳالھه تي ميزبان چيو ته ڇا توهان 80 سالن جا آهيو؟ ان تي اداڪار چيو ته مان ان کان گهٽ عمر جو آهيان.
فيصل رحمان وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن مان قائداعظم سان مليو هوس، تڏهن 2 سال وڏو هوس، مون کي باني پاڪستان سان ملاقات مڪمل طور تي ياد ته نه آهي، پر اهو خواب جيان ياد آهي ته محمد علي جناح سان مليو هئيس.
هن چيو ته مونکي شادي نه ڪرڻ تي ڪو به پڇتاءُ ناهي، مان آزاد قسم جو ماڻهو آهيان. اڄ تائين مونکي ڪنهن جي به سهاري جي ضرورت ناهي پئي ۽ اڳتي به نه پوندي.