گڏيل قومن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ هڪ بيان ۾ چيو ته اسان پاڪستان ۽ ڀارت کان اپيل ڪريون ٿا ته اهي صبر جو مظاهرو ڪن ۽ ٻنهي ملڪن کي يقين ڏيارڻو آهي ته حالتون وڌيڪ خراب نه ٿين.
يو اين ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هر مسئلو امن واري طريقي سان حل ٿي سگهي ٿو ۽ اهڙو ئي حل ٿيڻ گهرجي.