ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)بارودي سرنگهه جي ڌماڪي سبب چار ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا.
پوليس موجب ڪوئيٽا جي ڀر واري علائقي مارگٽ ۾ بارودي سرنگهه جو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ شروعاتي طور تي چئن ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي سبب ٽي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا، جن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس ذريعن موجب ڌماڪي کان پوءِ علائقي ۾ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي عملي کي به طلب ڪيو ويو آهي.