ٽيهه سالن تائين بس هلائيندڙ جاپاني ڊرائيور جي هڪ غلطي کيس 84 هزار ڊالر جي رٽائرمينٽ پيڪيج کان محروم ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڊرائيور مسافرن جي بس جي ڀاڙن مان رڳو 7 ڊالر چوري ڪندي پڪڙجي پيو، جنهن کانپوءِ هو پنهنجي 84 هزار ڊالر (12 ملين ين) جي رٽائرمينٽ پيڪيج کان هٿ ڌوئي ويٺو.
اهو واقعو 2022 ۾ پيش آيو، جڏهن ڪيوٽو ميونسپل ٽرانسپورٽ بيورو جي عملدارن هڪ بس ڊرائيور کي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڪرائي جي پروسيسنگ مشين ۾ پيسا وجھڻ بدران هڪ هزار ين جو نوٽ پنهنجي کيسي ۾ وجهندي ڏٺو.
جڏهن ان کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ته هن انڪار ڪيو، جنهن کانپوءِ کيس نه رڳو نوڪري مان ڪڍيو ويو پر سندس 12 ملين ين کان وڌيڪ رٽائرمينٽ فنڊ به ختم ڪيا ويا.
پنهنجي پينشن وڃائڻ کانپوءِ ڪاوڙيل بس ڊرائيور عدالت جو در کڙڪايو، پر هن مهيني جي شروعات ۾ عدالت سندس خلاف فيصلو ڏنو، جنهن سان کيس انصاف نه مليو.
جاپاني اخبار موجب ڪيوٽو ٽرانسپورٽ بيورو سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ساراهيو آهي.