اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)سينيٽ، ڀارت جي تازين جارحاڻي رويي خلاف قرارداد گڏيل طور منظور ڪري ورتو.
سينيٽ جو اجلاس چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاران تازي ڀارتي جارحيت خلاف قرارداد پيش ڪئي وئي، جيڪا ايوان بالا (سينيٽ) گڏيل طور منظور ڪئي.
قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته:
- پهلگام واقعي سان پاڪستان کي جوڙڻ وارا الزام رد ڪيا وڃن ٿا،
- ڀارتي حڪومت بدنيتي تي ٻڌل مهم هلائي رهي آهي،
- ڀارت کي ٻين ملڪن سميت پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ ذميوار ڪيو وڃي،
- پاڪستان ڪشمير جي حمايت جاري رکندو.
ان سلسلي ۾ اسحاق ڊار چيو ته سنڌ طاس معاهدو يڪطرفي طور معطل نٿو ڪري سگهجي، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ ڌرين ۾ اتفاق ضروري آهي، پاڻي 24 ڪروڙ پاڪستانين جي زندگي جي رڳ آهي، قومي سلامتي ڪميٽي اڳ ئي واضح ڪري چڪي آهي ته پاڻي بند ڪرڻ جنگ جي برابر آهي.
سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شبلي فراز خيالن جو اظهار ڪندي چيو قرارداد ذريعي دشمنن کي ايڪتا جو پيغام ويو آهي، ڀارت سدائين ان تاڪ ۾ رهيو آهي ته پاڪستان کي ڪيئن نقصان پهچائجي، ڀارت پاڪستان کي بدنام ڪرڻ چاهيو، پر سندس خواهش پوري نه ٿي، ڀارت هر عالمي فورم تي پاڪستان جي مخالفت ڪئي آهي.