پهلگام حملي کي ڀارتي حڪومت جي سازش قرار ڏيندڙ آسام جو اسيمبلي ميمبر گرفتار

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ)پهلگام حملي بابت ڀارتي حڪومت خلاف بيان ڏيڻ تي ڀارتي رياست آسام جي اسيمبلي ميمبر امين الاسلام کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب والاريل ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ ٿيل حملي کي ڀارتي حڪومت جي سازش قرار ڏيڻ تي آل انڊيا يونائيٽيڊ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ سان واسطو رکندڙ ايم پي اي امين الاسلام کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب آسام جي وڏي وزير  هيمنتا بسوا سرما پاران امين الاسلام جي گرفتاري جو حڪم ڏنو ويو. سرما جو چوڻ هو ته "پاڪستان جي حمايت ڪندڙن کي نه ڇڏيو ويندو ۽ هن معاملي کي انجام تائين پهچايو ويندو.”

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.