پي ايس ايل جي ميچ دوران ماسترياڻي ٻارن جا پرچا چيڪ ڪندي رهي!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ميچ دوران ماسترياڻي جي اسٽيڊيم ۾ ٻارن جا پرچا چيڪ ڪرڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي.
پشاور زلمي ۽ ڪراچي ڪنگز جي ميچ دوران ڪيمري جي اک اسڪور ٽيچر کي قيد ڪيو، جيڪا پنهنجي ٻارن سان گڏ نيشنل اسٽيڊيم ۾ ميچ ڏسڻ لاءِ موجود هئي ۽ ان وقت ٻارن جا پرچا به چيڪ ڪري رهي هئي.
اسڪول ٽيچر جي اها وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي ۽ واهپيدار کيس ساراهي رهيا آهن.
هڪ واهپيدار لکيو ته ٽيچر پرسنل لائف ۽ پريڪٽيڪل لائف ٻنهي جو خوبصورتي سان حق ادا ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.