بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ 10 جي براڊ بينڊ انٽرنيٽ سروس متعارف ڪرائي وئي.
10 جي براڊ بينڊ جي ڊائون لوڊ اسپيڊ 9 هزار 934 ميگا بائٽس في سيڪنڊ ۽ اپ لوڊ اسپيڊ هڪ هزار 8 ميگا بائٽس في سيڪنڊ آهي.
10 جي انٽرنيٽ جي اسپيڊ ايتري آهي جو تقريبن 20 جي بي جي فل لينٿ فور ڪي مووي رڳو 20 سيڪنڊن ۾ ڊائون لوڊ ڪري سگهبي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته چين جو 10 جي انٽرنيٽ سروس متعارف ڪرائڻ ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ هڪ وڏي اڳڀرائي آهي، جنهن سان صحت، تعليم ۽ زراعت جي شعبن جي سگهه به وڌندي.
You might also like