اداڪارا ڪرسٽين اسٽيورٽ عورت سان شادي ڪري سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا ۽ مقبول آمريڪي سيريز ”ٽوائي لائيٽ“ جي مک هيروئن ڪرسٽن اسٽيورٽ پنهنجي گرل فرينڊ ڊيلن ميئر سان شادي ڪري ڇڏي.
ڪرسٽن اسٽيورٽ دوست ڊيلن ميئر سان آڪٽوبر 2019 ۾ انسٽاگرام تي پنهنجي رشتي جي تصديق ڪئي هئي، جڏهن ته 2021 ۾ ان جوڙي پنهنجي مڱڻي جو اعلان ڪيو هو.
ڪرسٽن اسٽيورٽ جي ڊيلن ميئر سان شادي جي تقريب ايسٽر جي موقعي تي آچر 20 اپريل تي لاس اينجلس ۾ ٿي.
شادي تقريب ۾ ان جوڙي جي گهر ڀاتين ۽ ويجهن دوستن شرڪت ڪئي، جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب گذريل هفتي ڪرسٽن ۽ ڊيلن عدالت مان باقاعدي ميريج لائسنس به حاصل ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.