وڪيلن جا حوصلا بلند، سخت گرميءَ ۾ ڌرڻو جاري، ڪينال رٿا جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رکڻ جو وچن

ٻٻرلوءِ (ويب ڊيسڪ) تڪراري ڪينالن خلاف ٻٻرلوءِ ۾ وڪيلن جو قومي شاهراهه تي ڇهين ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي.
ڪينال رٿا خلاف وڪيلن جي جدوجهد وڌيڪ زور پڪڙي وئي ۽ سخت گرميءَ باوجود ٻٻرلوءِ ۾ ڇهين ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي، جنهن ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ قوم پرست ڌرين شرڪت ڪئي.
وزيراعظم جي هدايت تي ن ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ وڪيل اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ ڪينال منصوبو رد ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پ پ اڳواڻ نثار کهڙي ۽ خورشيد شاهه پڻ وڪيلن سان ملاقات ڪئي ۽ پ پ جي جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.
وڪيل اڳواڻن چيو ته اسان پ پ قيادت کي ڪميٽي جي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
قومي شاهراهه تي وڪيلن جي ڌرڻي سبب سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٽريفڪ معطل آهي، ڪنٽينر بيٺل هجڻ سبب انهن ۾ پيل سامان خراب ٿيڻ جو خدشو آهي ۽ ٽرانسپورٽ سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن.
هوڏانهن تڪراري ڪينالن خلاف سڄي سنڌ ۾ قوم پرست جماعتن، وڪيلن، شاگرد تنظيمن جو احتجاج جاري آهي.
وڪيلن اڄ به سڄي سنڌ ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو، عورت وڪيلن طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.