ڪراچي (رپوٽر ) ڪراچي ۾شاگردن جي اتحاد سنڌو درياءَ بچايو طرفان ڪالهه شام جو ٽي تلوار کان گورنر هائوس تائين مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ سوين شاگردن شرڪت ڪئي. جيئي سنڌ قومي محاذ ڪراچي جي اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ تقرير ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ جي جنگ لاءِ سواءِ سنڌ جي حڪمران پارٽي پيپلزپارٽي جي سموري سنڌ جون سياسي، سماجي ۽ قانوندانن جون تنظيمون هڪ آواز ٿي سنڌ جي پاڻي چوري خلاف هڪ آواز ٿي ويون آهن ۽ اسان سڀ گڏجي اها جنگ کٽي وٺنداسين، شاگرد اڳواڻن جي ايم جاگيراڻي، اورنگ زيب راڄپر،وسيم جمالي،وقارچولياڻي ۽ ٻين خاب ڪندي چيو ته سنڌ جا شاگرد به سموري سنڌي عوام سان سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جي زمينن، معدنيات، روڊن رستن تي قبضن خلاف هلندڙ هلچل ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا آهن، جلسي ۾ شهيد ڀٽو جو اڳواڻ جونيئر ذوالفقار ڀٽو به پهتو پر شاگردن جي والٽيئرن طرفان ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙجي جلسي مان طبعيت خراب هجڻ جواز ڄاڻائي واپس هليو ويو.