اسلام آباد(قربان بلوچ) ڪئنالن واري معاملي تي پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ رابطا شروع ٿي ويا آهن پر اندرين خبر اها آهي ته ڪئنال ٺاهڻ وارا ڪنهن به صورت ۾ انهن تان هٿ نه کڻندا.نه وري ڪم ئي رڪجندو. هاڻي سوال اهوآهي ته اگر ائين آهي ته پُوءِ ن ليگ ۽ پ پ ۾ رابطا ڇو ٿي رهيا آهن ۽ ٻنهي ڌرين ۾ پريشاني ڇو آهي؟ گرين پاڪستان وارو پراجيڪٽ ڪو اڪيلو پراجيڪٽ ناهي جو ڪنهن هڪ کي بند ڪجي ته اهو رڪجي ويندو.ايس آئي ايف سي پاران جيڪي معدنيا ت جي حوالي سان قدم کنيا پويا وڃن.اهي به هن سرگرمي جوحصو آهن.ماحوليات، سياحت، زراعت ،ڪارپوريٽ فارمنگ،معاشي صورتحال جي بهتري، زرعي ٽيڪس، اهي سڀ هڪ زنجير وانگر آهن. ان مان ڪنهن هڪ منصوبي تي پوئٽي هٽڻ معني سڀني منصوبن تان هٿ کڻڻ.سو اهو فيصلو ڪيو ويوآهي ته هن ڪينال معاملي تان پوئٽي ناهي هٽڻو.طاقتور ڌرين جو خيال آهي ته ڪنهن صوبي کي يا سياسي جماعت کي اها شهه نه ڏبي ته ڪوئي قومي نوعيت جو منصوبو ختم ٿيندو.ياواپس ٿيندو.چولستان ڪينال منصوبو هجي يا ٻين واهن جو اهي رول بيڪ نه ٿيندا.هاڻي پ پ ۽ ن ليگ جون ڪميٽيون جڙنديون جن ۾ ڪجهه ٽيڪنيڪل ماهر به هوندا، پوءِ اها خاطري ڪرائي ويندي ته سنڌ جو هڪ ڦڙو پاڻي به انهن واهن لاءِ نه کنيو ويندو ۽ اهو معاهدو کڻي پ پ سنڌ جي عوام کي خوشخبري ٻڌائيندي.اگر ان معاهدي کي عوام قبولي ورتو ته اپوزيشن جو احتجاج ٿڦ ٿي ويندو. اگر اپوزيشن ڌرين احتجاج جو سلسلو ائين ئي قائم رکيو ته پوءِ پ پ ٺس ٿي ويندي.