سکر/جيڪب آباد (نمائندا)جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي قائد علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌوءَ تي نون ڪئنالن جيتعمير غير قانوني آهي ۽ سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي جي برابر آهي.جامعه مدنيه،لاهور ۾ جي يو آءِ پاڪستان جي مرڪزي مجلسِ عمومي جي اجلاس دوران خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ کي اُن جي جائز حصي مان 55 سيڪڙو پاڻي گهٽ ملي رهيو آهي،هن اجلاس ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل نمائندن آڏو انگن اکرن سميت سنڌ جي پاڻيءَ جو تفصيلي ڪيس پيش ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جو چوڻ آهي ته نون ڪئنالن کي سيلابي پاڻي مهيا ڪيو ويندو، پر گذريل 15 ورهين دوران ملڪ ۾ ڪا به سيلابي صورتحال نه ٿي آهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ جي پاڻي تي هميشه وانگر ٻيهر ڌاڙو هنيو ويندو.علامه راشد محمود سومرو مطالبو ڪيو ته فوري طور گڏيل مفادن واري ڪائونسل (CCI) جو اجلاس گھرائي، پاڻيءَ جي معاملي تي فيصلو ڪيو وڃي. ايس آءِ ايف سي ذريعي زمينن جي غير مقامي ماڻهن کي ڏنيون وڃن ٿيون. اها پريس رليز جي يو آءِ سنڌ جي پريس سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري طرفان جاري ڪئي وئي.