اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دنيا زراعت ۾ ترقي ڪري وئي ۽ اسان قيمتي وقت ضايع ڪندا رهياسين.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ زراعت بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قومي زرعي پاليسي کي جديد گهرجن کان هم آهنگ ڪرڻ تي غور ڪيو ويو.
شهباز شريف ورڪنگ ڪميٽيون فوري طور جوڙڻ، سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ زرعي ڊجيٽلائيزيشن ۽ مصنوعي ذهانت جي استعمال تي زور ڏنو.
You might also like