اسلام آباد سميت چئني هاءِ ڪورٽن ۾ مستقل چيف جسٽسز مقرر ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سميت چئني هاءِ ڪورٽن ۾ مستقل چيف جسٽسز مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، جديشل ڪميشن جو 2 مئي تي ٿيندڙ اجلاس ري شيڊيول ڪيو ويو ۽ اهو اجلاس هاڻي 19 مئي تي ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ بلوچستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري بابت مشاورت ڪئي ويندي.
ذريعن موجب، جڊيشل ڪميشن پشاور ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پڻ مستقل چيف جسٽسز جي مقرر تي غور ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.