زين شاهه جي تنقيد مَينهن ڳئون کي چئي ”هَل ڙِي پُڇَ ڪارِي“جيئن آهي: نثار کهڙو

حيدرآباد: پاڪستان پيپلز پارٽيءَ تڪراري 6 ڪئنالن واري منصوبي خلاف تحريڪ جي ٽئين مرحلي جي تحت سڄي سنڌ جي ڊويزنل هيڊڪوارٽرن ۾ ڊويزن سطح تي جلسا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اهڙو اعلان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو هٽڙي باءِ پاس حيدرآباد ۾ جلسي گاهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نثار کهڙو چيو ته ڪئنالن واري منصوبي جي خلاف حيدرآباد واري جلسي کان پوءِ سکر، ميرپورخاص، شهيد بينظيرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ڊويزن سطح جا احتجاجي جلسا ڪيا ويندا، هن چيو ته سنڌو درياهه تي تڪراري 6 ڪئنالن واري منصوبي جي خلاف پيپلز پارٽيءَ جي جدوجهد کي سنڌ ڪارڊ جو نالو ڏيندڙ ماضيءَ ۾ ڪالاباغ ڊيم ۽ گريٽرٿل ڪئنال جي حمايت ۾ آمر پرويز مشرف جي هنج ۾ ويٺا هئا، جيڪي سياسي ۽ قومپرست جماعتون ڪئنالن خلاف جدوجهد ڪري رهيون آهن ان کي ساراهيون ٿا پر پيپلز پارٽيءَ تي سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ جو الزام هڻندڙ پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائين،  هن چيو ته زين شاهه ته پاڻ جي ايم سيد جو پيروڪار ناهي ڇاڪاڻ ته هن جي ايم سيد جي جماعت کي ڇڏي پنهنجي جماعت ٺاهي ان لاءِ پيپلز پارٽيءَ تي تنقيد ائين آهي جيئن مينهن ڳئون کي چئي هل ڙي پڇ ڪاري، هن چيو ته اِهي جماعتون پيپلز پارٽيءَ کان وفاقي حڪومت جي حمايت واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري چاهين ٿيون ته پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جي حمايت واپس وٺي ته جيئن اسيمبلي ٽٽي وڃي ۽ ڪنهن ٻئي کي اچڻ جو موقعو ملي پر اِهي جماعتون ياد رکن ته هنن کي به نوڪري نه ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.