حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام ڪينال منصوبو رد ڪري ڇڏيو آهي، اسان سدائين عوام جي حقن جي جنگ وڙهي آهي.
حيدرآباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قيدي نمبر 420 ڇهه ڪينالن مان ٻن ڪينالن جي اجازت ڏني هئي، ان وقت به پ پ مزاحمت ڪئي هئي ۽ عوام جي طاقت سان بي اعتمادي آڻي ٻن ڪينالن جي اجازت ڏيندڙ کي گهر موڪلي ڇڏيو هو، اسان سمجهون ٿا ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ اسان جي قومي ۽ عالمي ذميواري آهي.
هن چيو ته هي اهڙو مسئلو آهي، جيڪو وفاق کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو، جيڪو عالمي سطح تي پاڪستان کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو، هيءَ جنگ منهنجي ۽ توهان جي جنگ آهي ۽ اسان کي ورثي ۾ ملي آهي، سڀ کان اڳ شهيد بينظير ڀٽو پاڻي جي جنگ وڙهي هئي، هن تڪراري ڊيمن خلاف آواز اٿاريو.
سندس چوڻ هو ته اسان ڪينالن منصوبي خلاف مستقل آواز اٿاري رهيا آهيون پر اسلام آباد وارا انڌا ۽ ٻوڙا آهن، اهي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، دهشتگرد تنظيمون بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ حملا ڪري رهيون آهن ۽ سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي باهه ٻريل آهي، اهڙي صورتحال ۾ توهان نئون تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان وفاق کي نقصان پهچڻ جو خطرو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اسان جي اُڃ مرڻ جو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تڪراري ڪينال ٺاهڻ وارا اسلام آباد ۾ ويٺا آهن ۽ انهن وٽ طاقت اسان جي ڪري آهي، جيڪڏهن اڄ شهباز شريف وزيراعظم آهي ته کيس سنڌ جي عوام جا ٿورا مڃڻ گهرجن.
هن چيو ته اسان کي وزارتون نه کپن، جيڪڏهن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته پوئتي نه هٽنداسين، صدر زرداري جي پاليسين هارين کي خوشحال بڻائي ڇڏيو هو ۽ پاڪستان ڪڻڪ برآمد ڪري رهيو هو پر ن ليگ رڳو عوام جو رت چوسي رهي آهي، اها پارٽي جيئن سنڌ ۽ پنجاب جي هارين جو رت چوسي رهي آهي اهو سڀني جي سامهون آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته 25 سالن کان پاڻي جي کوٽ هلي رهي آهي ۽ اهي هاڻ چولستان جي ريگستان کي آباد ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن توهان نئين علائقي کي آباد ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڀلي ڪيو پر سنڌ جو سودو نه ڪنداسين.
ن ليگ عوام جو رت چوسي رهي آهي، اسلام آباد ۾ ويٺل انڌا ۽ ٻوڙا آهن، سنڌ جو سودو نه ڪنداسين: بلاول
You might also like