ڀريا (رپورٽر) ڀريا روڊ ڀرسان ڳوٺ ۾ باهه لڳڻ سبب 7 پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا.
ڳوٺ نوان سولنگي ۾ باهه لڳڻ سبب شفيع محمد، مجنو سولنگي، عنايت الله، يوسف سولنگي ۽ ٻين جا گهر سڙي ويا.
متاثرن موجب اطلاع باوجود فائر بريگيڊ وقت تي نه پهتي، جنهن سبب گهرن ۾ پيل نياڻين جو ڏاج، هنڌ بسترا، اناج ۽ ٻيو سمورو سامان سڙي ويو، کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، واهر ڪئي وڃي.
You might also like