ڀريا (رپورٽ: مير محمد سهتو) ڀريا ڀرسان مهراڻ هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار ٻه سئوٽ فوت ٿي ويا.
بگو دڙو واسي سعيد علي ۽ فرحان علي شر پنهنجي دوستن کي شادي جا ڪارڊ ڏيڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته ڪرونڊي ڊگري ڪاليج روڊ تي تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويا.
فوتي نوجوان سعيد علي شر جي 20 اپريل تي شادي رٿيل هئي، جيڪو پنهنجي سئوٽ سان گڏ دوستن ڏي ڪارڊ کڻي وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو، نوجوانن جا لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.
You might also like