يورپي ملڪ جو پاڪستاني شاگردن لاءِ وڏو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يورپي ملڪ هنگري ۽ پاڪستان وڏو فيصلو ڪندي اهڙن ماڻهن لاءِ ويزا ريڪوائرمنٽس ختم ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ رکندڙ هجن.
هنگري جو پرڏيهي وزير هڪ ڏينهن جي دوري تي خميس ڏينهن اسلام آباد پهتو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ويزا لاءِ گهربل دستاويزن کي ختم ڪرڻ جو معاهدو ڪيو ويو.
هنگري جي پرڏيهي وزير پيٽر سيزيجارٽو سان گڏ اعليٰ سطحي ڪاروباري وفد به پاڪستان آيو.
اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پيٽر سيزيجارٽو چيو ته اسان سفارتي پاسپورٽ رکندڙ ماڻهن لاءِ ويزا جون ضرورتون ختم ڪرڻ تي خوش آهيون، ان قدم ان ڪري کنيو ويو آهي، ڇو ته اسان پنهنجي لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري چاهيون ٿا، ان کانسواءِ پاڪستاني شاگردن کي هر سال 400 اسڪالرشپس جي آڇ به ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.