اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جو پاڻي وڪرو ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته هڪ سال اڳ مولانا فضل الرحمان ۽ اسان جي پارٽي ۾ وڏو خال هو. مولانا ۽ سندس پارٽي کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اهي اسان سان ڪيتري حد تائين وڃي سگهن ٿا. عمر ايوب جو چوڻ آهي ته ٻيون سڀئي مخالف ڌريون متحد آهن، جي يو آءِ ف کي فيصلو ڪرڻ گهرجي. هن اهو به چيو ته جمهوريت اسان جو مقصد آهي، مولانا ڪيترو اڳتي وڃي سگهي ٿو، اها سندس مرضي آهي، اسان جو مطالبو نيون چونڊون هوندو، پي ٽي آءِ پنهنجي موقف کان پوئتي نه هٽندي.