جسقم بشير جي بک هڙتال ختم، وڪيلن جي ڌرڻي ۾ شرڪت جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر) جسقم بشير خان بک هڙتال ختم ڪري ٻبرلوءِ ۾ وڪيلن جي ڌرڻي ۾ شرڪت جو اعلان ڪيو آهي. جيئي سنڌ محاذ جو سربراھ رياض چانڊيو، ڪراچي بار ايسوسيئشن جو صدر عامر وڙائچ، صوفي راڳي مانجھي فقير نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ جاري جسقم جي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي يڪجھتي جو اظھار ڪيو. ان موقعي تي جسقم اڳواڻ نياز ڪالاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي پريس ڪلب وارن جو ٿورائتو آهيان جن اسان سان تعاون ڪيو. ھن چيو ته ڪئنالن واري معاملي تي سڀني پارٽين ڀرپور احتجاج ڪيو آهي، ھن ٻڌايو ته سنڌو دريا تي نون ڪينالن خلاف جسقم شهيد بشير خان جسقم ٻٻر لو بائي پاس بند ڪيو ھو، ھن وڌيڪ چيو ته عامر نواز وڙائچ انهن سنڌين کان لک ڀيرا بهتر آهي جيڪي سنڌ ڄاوا آهن سنڌي ڳالهائن ٿا پر ڪئنالن واري معاملي تي خاموش آهن، نياز ڪالاڻي اعلان ڪيو ته 18 تاريخ تي جيئن ئي وڪيل ٻٻر لو بائي پاس پهچندا اسان انهن سان گڏ هونداسين، ھن اھو بھ چيو ته 19 اپريل تي به عملي طور اسان سنڌو دريا بچايو تحريڪ جي دوستن سان حيدرآباد ۾ گڏ هونداسين، اسان هن وقت بک هڙتال ختم ڪيون ٿا. ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان هتي ڪئمپ تي اچي جسقم جي اڳواڻن کي درخواست ڪئي ته ٻٻر لو بائي پاس تي ڌرڻو ڏينداسين جيستائين ڪينالن وارو فيصلو واپس نه ٿو ورتو وڃي، ان موقعي تي رياض چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ بک هڙتال تي ويهندڙ دوستن کي خراج پيش ٿوڪيان. رحمان ڪورائي چيو تھ اسان جن نقطن تي ٻٻرلو وينداسين ڪامياب ٿي موٽينداسين، استاد، ھاري، شاگرد، وڪيل سميت ھر طبقو سامراج جي خلاف ھوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.