ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو آهي ته اسان کي ذريعن مان ڄاڻ ملي آھي تي عمرڪوٽ جي ضمني چونڊن ۾ شڪست جي خوف کان پيپلزپارٽي، ايس ايس پي ۽ ڊپٽي ڪمشنرکي ڌانڌلي لاءِ ڪروڙين رپيا رشوت ڏني آهي، ڪيترن ئي پريزائيڊنگ آفيسرن چونڊ ڊيوٽي کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو صورتحال جي سنگيني کي ظاهر ڪري ٿو، ملڪ هائوس ميرپورخاص ۾ پريس ڪانفرنس دوران حليم عادل شيخ سان گڏ جمال صديقي، محسن گھمن، راجا عبدالحق، آفتاب قريشي۽ ٻيا پڻ موجود هئا، هن چيو ته ڌانڌلي لاءِ ٻاهران پوليس گهرائي پئي وڃي، پر سنڌ جي عوام هاڻي جاڳي چڪو آهي، عوام پاڻ فارم 47 جو تحفظ ڪندو، جيڪڏهن ڪنهن آفيسر قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي ته عوام کيس بخش نه ڪندو، هن چيو ته گهرو وزير عمرڪوٽ ۾ ڇو موجود آهي؟ ٻاهران پوليس کڻي اچي ڌانڌلي جي منصوبي تي عمل ڪرڻ چاهن ٿا، پر هن ڀيري سندن ٺپا گردي نه هلندي.
عمر ڪوٽ جي سيٽ بچائڻ پ پ لاءِ وڏو سياسي امتحان ؟
اسلام آباد (قربان بلوچ) اڄ عمر ڪوٽ جي قومي اسمبلي جي تڪ 213 تي ضمني چونڊ ٿي رهي آهي.اهو تڪ نواب يوسف ٽالپرجي لاڏاڻي جي ڪري خالي ٿيو هيو. اتي ٽي اميدوار آمهون سامهون آهن. ان ۾ درياهه بچايو تحريڪ ۽ پي ٽي آئي جو اميدوارلال مالهي آهي سندس مقابلي م پيپلزپارٽي پاران صبا ٽالپر کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي.ٽيون اميدوار ٽي ايل پي جو عمر جان سرهندي آهي. اها چونڊ فيصلو ڪندي ته 58 ورهين جي پيپلزپارٽي پنهنجو فطري موت مري پئي يا نه.اهو فيصلو عوام ڪندو.پيپلزپارٽي سياسي موت مرڻ پئي وڃي يا وري قيادت جي فيصلن جي ڪري ائين ٿي رهيوآهي ؟ اهو فيصلو آصف علي زرداري جو آهي، هڪ تاثر اهوآهي ته فارم 47 جو استعمال نه ٿيو ته لال مالهي چونڊون کٽي ويندو. گذريل ڏينهن لال مالهي جو عمر ڪوٽ ۾ شاندار جلسو ٿيو جنهن ۾ شاه محمود جا مريد، فنڪشنل ليگ، سميت لال مالهي جا دوست شامل ٿيا.ٻئي پاسي پ پ ڪو به جلسو ناهي ڪر ي سگهي.نه وري مرڪزي قيادت اتي وڃي سگهي.مراد علي شاهه اتي ويو پر پارٽي اميدوار صبا ٽالپر پاڻ به منظر عام تي ناهي آئي.ٻيو تاثر اهوآهي ته جڏهن اميدوار عورت ظاهر ناهي ته ٻين جون عورتون ڇو گرمي ۾ جلسن جلوسڻ ۾ نڪرن،ٻيو فيڪٽر ڪينال معاملو آهي جنهن تي هن وقت تائين پ پ اگر مگر کان ڪم وٺي رهي آهي.ٻئي پاسي لال مالهي ۽ سندس دوستن جو چوڻ آهي ته اهي شفاف چونڊن جي حوالي سان مطمئن ناهن جو اتي جنهن عملي جي مقرري ٿي رهي آهي تنهن مان اڪثر پيپلزپارٽي سان همدردي رکندڙ آهن.ٻي پاسي پيپلزپارٽي پاران 18 اپريل تي جشن ملهائڻ لاءِ حيدرآباد ۾ جلسو رکيوآهي کين پڪ آهي ته 17 ورهين جي بي تاج بادشاهي جي نتيجي ۾ کين ڪير هارائيندو؟ڪينال معاملي تي خاموش ٿي ويل سياسي ڌريون هاڻي ميدان ۾ اچي قومي جماعتون ٿيڻ پيون وڃن جنهن سان پيپلزپارٽي لاءِ وڏيون ڏکيائيون پيد اٿي ويون آهن.هڪ سينئر صحافي مطابق هي پارٽي فطري موت مرڻ پئي وڃي.
عمرڪوٽ ۾ اڄ ننڍي چونڊ جو وڏو سياسي دنگل
عمرڪوٽ(رپورٽ: غلام مصطفيٰ مهر) عمرڪوٽ ضلعي جي قومي اسيمبلي واري تڪ اين اي 213 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جو اڄ 17 اپريل تي وڏو سياسي دنگل ٿيندو جنھن ۾ جي ڊي اي اتحادي جماعتن ۽ درياھ بچايو تحريڪ جي اميدوار لالچند مالھي جو مقابلو پ پ اميدوار صبا ٽالپر سان چونڊ جو مقابلو ٿيندو جڏھن ته ساڳي تي اين اي 213 تي تحريڪ لبيڪ پاران عمر جان سرھندي ۽ ايم ڪيو ايم طرفان وڪيل لالا ڀيل سميت 18 اميدوار حصو وٺي رھيا آھن، ضمني چونڊ جي حوالي سان تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن ۽ پولنگ عملو ڊي آر او آفيس مان اليڪشن سامان بيلٽ پيپر، بييلٽ باڪس، اسٽيشنري، سيل وارو سامان، پيڊ ۽ ٻيو سامان کڻي پولنگ اسٽيشن ڏانهن روانو ٿي ويو آھي، سامان کڻي ويندڙ عملي جي سيڪورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي، جڏھن ته ضلعي ۾ ٽوٽل 498 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيو ويون آهن جتي اڄ مرد توڙي عورتون پنھنجي قيمتي ووٽ ڪاسٽ ڪندا.
بينظير جي نالي تي پئسا کائو ٿا،ٺپو به تيرتي هڻجو
عمرڪوٽ(ڊ ر) عمرڪوٽ ۾ پيپلز پارٽي جي هڪ عورت اڳواڻ ووٽ گهرڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ سينٽر پهچي وئي،هن مستحق ماڻهن کي چيو ته بينظير جي نالي تي اوهان کي پئسا ملن ٿا،ٺپو به تير تي هڻجو، قومياسيمبلي جي تڪ اين اي 213 عمرڪوٽ ۾ يوسف ٽالپر جي وفات سبب خالي ٿيل سيٽ تي اڄ ضمني چونڊ ٿي رهي آهي، پيپلز پارٽي جا مقامي اڳواڻ ووٽ وٺڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ سينٽر پهچي ويا، ضلعي ڪائونسل جي ميمبر ۽ پ پ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ نور جهان گهيلرو عمرڪوٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ سينٽر پهچي وئي، پ پ جي عورت اڳواڻ مستحق عورتن کي تير کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو ته بينظير جي نالي تي پئسا کائو ته ووٽ به تير کي ڏيو، هوڏانهن سماجي اڳواڻن رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ووٽ ضمير جو آھي ھر ڪنھن کي آزادي آهي ته ھو ڪنھن کي به ووٽ ڏئي سگهن ٿا، ڪنهن کي زور بار نٿو ڪري سگهجي، اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي .
پ پ کي عمرڪوٽ ۾ ايجنٽ ئي نه ٿا ملن؟: سوشل ميڊيا تي تنقيد
عمرڪوٽ (ڊر) ضلعي جي تڪ اين اي 213 جي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪورنگ اميدوار برهان ڪنڀر پاران ٻين ضلعن مان آيل ماڻهن کي ايجنٽ مقرر ڪرائڻ لاءِ ڊي آر او کي لکت ۾ درخواست ڏني ويئي جيڪا آر او رد ڪري ڇڏي ۽ چيائين ته ٻين ضلعن جا ماڻهو هتي ايجنٽ مقرر نه ٿا ڪري سگهجن ۽ ٻاهران ماڻهو پولنگ اسٽيشن تي ماحول خراب به ڪري سگهن ٿا، جنهن بعد برهان ڪنڀر ڊي آر او آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊي آر او منهنجي ڏنل درخواست رد ڪئي آهي، آئون اليڪشن ڪمشنر کان مطالبو ٿو ڪريان ته اسان جي ڏنل درخواست کي ٻُڌي وڃي، واضح رهي ته برهان ڪنڀر جي اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد هر ماڻهو پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندو رهيو ته هاڻي هنن کي ايجنٽ به نه ٿا ملن جو ٻاهران ماڻهو گهرائي ايجنٽ مقرر ڪرڻ چاهين ٿا.