ڪراچي/ حيدرآباد (نمائندا) سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن خلاف بدين ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران مرڪزي اڳواڻن ڊاڪٽر حميد ميمڻ، ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ شاھنوازسيال جي اڳواڻي ۾ ڪراچي- ٿرپارڪر ٿرڪول روڊ تي پير چوڪ تي ھزارين ماڻھن ڌرڻو هنيو ۽ وفاق خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ڌرڻي سبب ٿرڪول مڪمل بند ٿي ويو، ٻنھي پاسن کان سوين گاڏيون بيھجي ويون، ڌرڻي دوران اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ سميت بدين ضلعي سميت ساحلي پٽي ۾ ڪيترن ئي سالن کان پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ آھي، موجوده نااھل حڪمرانن عوام جو پاڻي وارو مسئلو حل ڪرائڻ بدران سازشون ڪري سنڌو درياھه مان وڌيڪ 6 ڪئنال ڪڍي سنڌ کي بنجر بنائڻ چاھين ٿا ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ھارين کي ڏيڻ بدران انهن تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، سنڌ دشمن رٿائون ختم نه ٿيون ته سنڌ پنجاب جي بارڊر تي ھزارين ماڻھن جو ڌرڻو ھڻنداسين جيستائين حڪمرانن پاران 6 ڪئنال واري منصوبي کي رد ڪرڻ ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ھارين کي ڏيڻ جو اعلان نه ٿيندو تيستائين ڌرڻو جاري رھندو، هوڏانهن ٺٽي ۾ ايس ٽي پي پاران ناٿو بروھي، راجو قريشي، عثمان ھنڱورو، عبدالحڪيم بروھي، جھانگير ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاھراھ تي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ پاڪستان لا ايسوسيئيشن سنڌ جي سڏ تي اولڊ ڪيمپس کان ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ايڊووڪيٽ اياز حسين تنيو، ايڊووڪيٽ شاڪر نواز شر، نفيسا ملاح، ايڊووڪيٽ ھيبت علي چاچڙ، ايڊووڪيٽ نياز راھوڪڙو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته لانگ مارچ ڪرڻو پيو ته ڪنداسين، روڊ ۽ رستا بند ڪنداسين، پر درياهه تي ڪينال ٺاھڻ نه ڏينداسين، ان موقعي تي وڪيل عرفان چانڊيو، وڪيل محب آزاد لغاري، وڪيل ذوالفقار ٿيٻو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ڪئنالن ۽ وفاق خلاف سخت نعريبازي ڪئي.