مرتضي جتوئيٰ جو ساٿي غلام مصطفيٰ آزاد ٿيندي ئي ٻيهر گرفتار

دادو(رپورٽ: غوث جھتيال) دادو ۾ ڪجھه ڏينھن اڳ دادو ضلع جي ڪچي واري علائقي ۾ رھندڙ مقامي آبادگار غلام مصطفيٰ جتوئي کي جي ڊي اي اڳواڻ رئيس غلام مرتضي جتوئيٰ جي گرفتاري بعد ان سان وابستگي ڄاڻائيندي دادو شھر مان گرفتار ڪري مٿس اڍائي ڪلو چرس جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي ۽ دادو ۾ قيد رکيو ويو ھو، غلام مصطفي جتوئي عدالت مان ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد گھر وڃي رھيو ھو ته سندس انتظار ۾ بيٺل دادو پوليس کيس ڊسٽرڪٽ جيل جي مکيه دروازي تان ٻيهر گرفتار ڪري ورتو، جنهن خلاف سندس ڀاءُ رٽائرڊ استاد نبن جتوئي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، هن چيو ته غلام مصطفيٰ جتوئي کي جڙتو ڪيس ۾ چرس ھڻي ڪي اين شاھ پوليس چالان ڪيو، سندس ٻيهر گرفتاري پ پ پ حڪومت جي سراسر ناانصافي آھي، گهرو وزير سان اسان جي ڪا به دشمني ناهي، هو اسان سان نا انصافي ڪري رھيو آھي، چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ، سيشن جج دادو پوليس گردي جو نوٽيس وٺن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.