ڀٽ شاهه کان مارچ، حڪمرانو! سنڌ نه پر پاڪستان سان دشمني پيا ڪريو: اياز لطيف

ڀٽ شاهه(رپورٽ: ارشاد علي ٻگهيو) سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ڀٽ شاھ کان حيدرآباد تائين پيادل مارچ شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو 6 ڏينهن ۾ حيدرآباد پهچندو. شروع ٿيل مارچ جي اڳواڻي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو، مرڪزي اڳواڻن الطاف خاصخيلي، خادم سمون، نذير بليدي، معشوق چانڊيو، ضلعي مٽياري جو صدر ماجد خاصخيلي، مٽياري سٽي صدر فريد ملاح، سنڌياڻي تحريڪ ضلعي مٽياري جي صدر فضا ملاح، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، مرڪزي جنرل سيڪريٽري  نصرت خاصخيلي ۽ ٻين ڪئي، اياز لطيف پليجو ڳالهائيندي چيو ته ڪالھه پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ارسا کي خط لکيو آھي ته سنڌ اسان جو پاڻي چورائي وئي آھي، اها ڳالهه ائين آهي جو ضياءُ ايم آر ڊي جي تحريڪ جي شھيدن کي خط لکي ته توھان اسان لاءِ مسئلا پيدا ڪريو پيا، اھو ائين آھي جو پرويز مشرف اڪبر بگٽيءَ جي وارثن کي خط لکي ته توھان جا ماڻھو اسان سان وڙھن ٿا، جن انھن کي ماريو ھو، اھو ائين آھي جو ڪراچيءَ ۾ ٻوري ۾ لاش بند ڪرڻ وارا اھي وري قتل ٿيلن کي خط لکن ته بابا توھين قتل ٿي اسان کي تڪليف پيا ڏيو، توھين ٻوري ۾ بند ٿي اسان کي تڪليف پيا ڏيو، ھن چيو ته جيڪي پاڻي بند ڪيو ويٺا آھيو، جيڪي سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ لاءِ چشما جھلم لنڪ ۽ تونسا پنجند ڪئنال کوليو ويٺا آھيو ۽ سنڌ جو پاڻي پيا بند ڪريو، سي وري ڊرامي طور خط پيا لکو، ايئن ڪرڻ لاءِ انھن کي سنڌ حڪومت چيو آھي، ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ مان جيڪي وسيلا ٿا نڪرن ان جو استعمال پنجابي ڪن ٿا، اسين ڪو والاريل علائقو آھيون ڇا، اسان پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۾ ھڪڙي خودمختيار ڌرتي ھئاسين، اسان پنھنجي رضامنديءَ سان خوشيءَ سان قراردار پاڪستان منظور ڪئي ۽ اسان توھان سان شامل ٿياسين، ان جو عيوضو اھو پيا ڏيو جو اسان جي ماڻھن کي ماريو پيا، اسان کي لٽيو پيا، وسيلا به اسان جا به کڻو پيا، اسان جي وسيلن تي قابض ٿي ويٺا آھيو، اسان کي لاش به ڏيو پيا، ھن چيو ته اسان جي ٻارن جون نوڪريون کپايو پيا، اسان جي نياڻين جا لاش پيا آھن، اسان آخر توھان جو ڏوھ ڪھڙو ڪيو آھي؟ اسان کي ٻڌايو پاڪستان جا حڪمرانو وفاق جا حڪمرانو پنجاب جا حڪمرانو اسان سنڌين توھان جو ڏوھ ڪھڙو ڪيو آھي، ٻن صوبن جون حالتون اڳئي خراب آھن وري ٽئين جون ڇو ٿا ڪريو؟ هن چيو ته آئون توھان جي خلاف الزام پيو ھڻان توھان جي خلاف چارج شيٽ پيو ڪيان ته توھان سنڌ جو پاڻي روڪڻ جو منصوبو جيڪو ٺاھيو آھي، اھو صرف سنڌ نه پر پاڪستان دشمن منصوبو آھي، حڪمران ھن سرزمين جي ڪک ۾ ڇريون پيا هڻو، ھن ملڪ پاڪستان کي نقصان پھچائي رڳو سنڌ دشمني نه پر پاڪستان سان دشمني ڪري رھيا آھيو، اڳواڻن چيو ته اسان پيپلزپارٽي جي ايم پي اي، ايم اين ايز، وزير ۽ سينيٽر کي ھن ڀٽ شاھ جي سر زمين تان وارننگ ٿا ڏيون ته توهان حق جي پاسي بيھو، پاڻي گھرندڙن سان بيھو، پاڻي بند ڪندڙن سان نه بيھو، جيڪڏهن توهان ائين نه ڪيو ته توهان تاريخ ۾ يزيد لکيا ويندائو، يزيد جا حمايتي لکيا ويندائو، ڪوفي جا مددگار لکيا ويندائو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.