ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ جي آزادي بابت داخل درخواست تي فيصلو ڏيندي چيو آهي ته هوءَ امن عامه سان لاڳاپيل قانون ۾ گرفتاري کان پوءِ پهريون گهرو کاتي سان رابطو ڪري، ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ جي گرفتاري خلاف سندس ڀيڻ ناديه بلوچ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي هئي،عدالت يجمعي ڏينهن فيصلو محفوظ ڪيو هيو.درخواست جي پيروي ڪامران مرتضي، علي احمد ڪرد ايڊووڪيٽ، ساجد ترين ايڊووڪيٽ سميت وڏي انگ ۾ وڪيلن ڪئي هئي.ناديه بلوچ جي وڪيل عمران بلوچ بي بي سي سان ڳالهائندي چيو ته گهرو کاتي ماه رنگ بلوچ جي گرفتاري جي حوالي سان مناسب پروسيجر کي اختيار نه ڪيو هيو جنهن جي ڪري اسان براه راست هائيڪورٽ ۾ درخواست دائر ڪئي هئي.