فيڊريشن ۾ غير محفوظ آهيون، درياهه جو خودمختيار وجود گهرجي: زين شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌو درياهه مان 6 تڪراري ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌ سھائي سٿ جي سڏ تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ احتجاجي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ مختلف سياسي، سماجي، قانوني ۽ علمي حلقن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاهه چيو آهي ته اسان کي ملڪ جي آئين ۾ پنهنجي درياهه جو خودمختيار وجود گهرجي. اڄ هن فيڊريشن ۾ اسين پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهيون ۽ جيستائين اسين پاڻ کي محفوظ نه سمجهنداسين، اسان جي جدوجهد جاري رهندي، ايس آءِ ايف سي جو قيام فيڊريشن جي تصور خلاف آهي ۽ سنڌ جي سالميت لاءِ خطرو بڻجي ويو آهي، پيپلز پارٽي هميشه سنڌ جي پاڻي جو سودو ڪيو آهي، سنڌ حڪومت اسان جي ڪوسٽل بيلٽ کي سخت خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن پيپلز پارٽي ڪئنالن خلاف آهي ته پوءِ هو صدر کي چوي 8 جولاءِ واري منظوري واپس وٺي، پيپلز پارٽي جو احتجاج سنڌو درياهه جي پاڻي تي قبضي خلاف هلندڙ تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ آهي، هنن کي سنڌ حڪومت جي زمينن ۽ پاڻي جي سودي جي بدلي ۾ مليل آهي، هن چيو ته 19 اپريل تي حيدرآباد ۾ مارچ ۽ 20 اپريل تي ڪراچي ۾ فريئر هال کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ ڪيو ويندو، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته درياهه جا اصل مالڪ سنڌي ماڻهو آهن، پنجاب پنهنجا درياهه وڪڻي ڇڏيا آهن، سنڌ جا 14 واهه خشڪ ۽ پنجاب جا 42 ڪئنال ڀريل آهن. سنڌ جا ماڻهو درياهه جي تحفظ لاءِ جان ڏيڻ کان به نه ڪيٻائيندا، انعام شيخ چيو ته سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال اڏڻ نه ڏيندا، اسان جو اصل مسئلو قوم جي اتحاد ۽ ٻڌي جو آهي، هاڻي عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي، بخشل ٿلهو چيو ته سنڌو درياهه کي 150 سالن کان لُٽيو پيو وڃي، ڊيلٽا 92 سيڪڙو تباهه ٿي چڪو آهي ۽ سمنڊ پنجاهه لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي، سهيل ميمڻ چيو ته هن وقت جي تحريڪ ثابت ڪري ٿي ته سنڌ جو ماڻهن شديد مزاحمت ڪندو، ڪارپوريٽ فارمنگ هڪ ڏوھ آهي، شهاب اوستو ڪئنالن خلاف هلندڙ تحريڪ کي سڀني تحريڪن جي ماءُ قرار ڏيندي چيو ته هي پرامن ۽ آئيني جدوجهد آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ڪئنالن جي اڏاوت سان سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو، سنڌي، اردو، پختون، بلوچ سڀ متاثر ٿيندا، جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، عائشه حسن چيو ته عورتن به درياهه جي حق ۾ آواز اٿاريو آهي، ڪئنالن سان حيدرآباد، بدين ۽ ٿر سميت ڪيترائي علائقا ڏڪار جي لپيٽ ۾ اچي ويندا، ڪئنال رٿا ختم ڪئي وڃي، شيما ڪرماڻي چيو ته جيڪڏهن سنڌو درياهه کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي ته سموري تهذيب ميساري سگھي ٿي، هن وقت ڪوٽڙي کان هيٺ واري اڏامي رهي آهي، مهناز رحمان چيو ته گرين انيشيوٽو منصوبن سان سنڌ جي زراعت برباد ٿي ويندي، پاڻي لاءِ ويڙهه ڪنداسين، وڪيل اڳواڻ ڪاظم مهيسر چيو ته جڏهن سسٽم ۾ پاڻي ئي ناهي ته ڪئنالن جي اڏاوت ڇو پئي ٿئي؟ غلام رسول سوهو چيو ته سڄي قوم ڪئنالن خلاف هڪ آواز ۽ متحد آهي ۽ هن جدوجهد مان مايوسي ختم ٿي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.