ماڻهو معدنيات جو دفاع ڪندا ته اوهان چوندا دهشتگرد آهن: اچڪزئي

اسلام آباد (م ڊ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي چيئرمين ۽ پشتون قومپرست اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان مجبور آهيون ته پنهنجي وطن جي وسيلن جو دفاع ڪريون. ائين ناهي ته پختونخوا ۾ جيڪي وسيلا آهن انهن تي ٻين جو حق ناهي پر گهٽ ۾ گهٽ اسان آئين جي ڳالهه ڪريون ٿا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته بلوچ کي چئي ڇڏيو ته آئيني طور تي وسيلن تي پهريون حق اوهان جي ٻارن جو آهي. ايس آءِ ايف سي، 18هين ترميم، صوبائي خودمختياري، ڊيموڪريسي تي بم رکي ڇڏيو آهي. شهباز شريف ۽ اهي قوتون جيڪي هن حڪومت کي سپورٽ ڪن ٿيون انهن کي واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته مختلف تحريڪون هلنديون، وسيلن جو دفاع ڪنديون ته ملڪ ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿيندي، پاڪستان کي نقصان پهچندو ته ان جي ذميواري شهباز ۽ ڪمپني جي هوندي. هن چيو ته مائنز ۽ منرلز معاملي تي سڀني پارٽين سان ڳالهائينداسين، جڏهن اوهان معدنيات تي قبضو ڪندا ۽ ماڻهو دفاع ڪندا ته اوهان چوندا ته هي دهشتگرد آهن. دهشتگرد اهو ناهي هوندو جيڪو گهر جو دفاع ڪندو آهي. دهشتگرد اهو آهي جيڪو گهر ۾ گهڙي ٿو. پاڪ فوج جي ذميوارن، شهباز ۽ ڪمپني جي جاهلن کي درخواست ڪريان ٿو ته هن ملڪ جي بنيادن کي نه لوڏيو. اوهان جي بيوقوفين جي ڪري ميدان جنگ بڻجي ويو ته ڪجهه نه بچندو. جيڪڏهن ڪير پرڏيهي سيڙپ ڪرڻ چاهي ٿو ته اتان جي ماڻهن سان ڳالهائي. پاڪستان خطرناڪ ٻه واٽي تي بيٺل آهي، ميان صاحب لنڊن هليو ويو، ائين ڪم نه هلندو. 4 مهينن ۾ چونڊون ڪرايو، عمران خان کٽي ويندو ته کٽڻ ڏيو، ملڪ هلايو. کيس جيل مان نڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته افغان مهاجرن کي غير انساني انداز ۾ انهن کي تنگ ڪري رهيون آهن، اهو قبول ناهي. گڏيل قومون، پاڪستان ۽ افغان حڪومتون ويهي ڪو حل ڪڍن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.