ڪراچي ۾ مختلف روڊ حادثن ۾ عورت سميت ٻه ڄڻا فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون نمبر 5 ڀرسان بس جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر ۾ عورت فوت ٿي وئي.
حادثي کانپوءِ بس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو.
هوڏانهن ڊفينس موڙ ڀرسان روڊ ڪناري بيٺل ٽينڪر سان تيز رفتار موٽر سائيڪل ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار فوت ٿي ويو.
هلندڙ سال هيل تائين ڪراچي ۾ بس جي ٽڪر سان 10 ڄڻا ۽ هيوي ٽريفڪ جي حادثن ۾ 85 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.